ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان نوادرات قائداعظم ۾ محققين ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ تاريخي نوادرات بابت معلومات کي ڊيجيٽل طريقي سا?? فراهم ڪرڻ سا?? گڏوگڏ شوڪيسز ۾ مناسب روشني جو انتظام ڪرڻ سميت سياحن جي لاءِ سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو گورنر هائوس ۾ ايوان نوادرات قائداعظم ۽ نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جي رنگ روغن ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سا?? اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سينيئر عملدارن ۽ قائداعظم جي مزار جي مئنيجمينٽ بورڊ جي عه??يد??رن پڻ شرڪت ڪئي.