اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت معاشي ميدان سميت هر شعبي ۾ ڪاميابي جون منزلون تيزي سان طئي ڪري رهي آهي، عمران خان جي حڪومت پنهنجو پنج سالن جو مدو مڪمل ڪندي ۽ مخالف ڌر کي انهي پگهار تي تيستائين ڪم ڪرڻو پوندو، پي ڊي ايم ماضي جو حصو بڻجي چڪي آهي، صحافين جي زندگين ۽ صحت جي تحفظ ل??ءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽ اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل 2021ع ايوان ۾ پيش ڪيو ويو آهي، مخالف ڌر کي گهرجي ته ان بل کي اتفاق ر??ءِ سان منظور ڪرائڻ ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عمران خان جي ترجيح عام ماڻهو جي ڀلائي آهي، گهٽ آمدني واري طبقي ل??ءِ نئون پاڪستان اسڪيم، غربت جي هيٺن سطح تي زندگي گذاريندڙن ل??ءِ ڪيش ايمرجنسي پروگرام، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ل??ءِ اسڪالرشپ ?? ٻيا پروگرام عام عوام ل??ءِ آهن. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام کي خطاب ڪري رهيو هو.