اس??ام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ضلعي ڪُرم ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن س??ن ڳالهائيندي انهن س??ن همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر شهيدن جي وارثن س??ن ٽليفونڪ رابطو ڪيو. صدر ڪيپٽن باسط علي ۽ سپاهي حضرت بلال جي وارثن س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن س??ن همدردي جو اظهار ڪيو. صدر پسني ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن عفان مسعود جي وارثن س??ن به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.