اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) محفوظ زمين ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي زرعي، معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۾ بينادي اهميت رکندي آهي. صحيح معلومات ۽ فوري مستند رڪ??رڊ جي دستيابي صرف معاشري جي ماڻهن لاءِ محفوظ زمين ۽ جائيداد جي حقن کي آسان حاصل ڪرڻ جو ذريعو پر قومي منصوبابندي، ترقي ۽ انتظامي سرگرمي کي انجام ڏيڻ لاءِ به اڻٽر آهي جڏهن ته ان سان عدالتن تي ڪيسن جي بار ۾ به چڱي خاصي گهٽتائي سان گڏوگڏ ماڻهن جا ڪيسن تي ٿيندڙ خرچن ۾ به گهٽتائي ٿيندي.
بدقسمتي سان 22 ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ ۾ لاڳو پراڻي ۽ ناڪاره نظام جي ڪري ڪنهن زمين جي ملڪيت جا تفصيل حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار وڏو ڏکيو آهي،
لينڊ انفارميشن سسٽم زمين جي رجسٽرن جي روايتي نظام تي ٻڌل آهي ۽ اهڙو رڪ??رڊ ڏکيو هجڻ سان گڏوگڏ گهڻو پراڻو آهي ۽ ان نظام ۾ موجود معلومات به ناڪافي آهي. زمين جي هڪ ماڻهو جو رڪ??رڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن مختيارڪار جي آفيس جا چڪر ڪٽڻا پوندا آهن. ان جو بنيادي سبب ماڻهن ۾ قانوني معاملن کان لاعلمي، ڪرپشن، اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ ڪجهه بدعنوان سياسي ۽ سماجي ماڻهن جو اثر رسوخ سان جڏهن ته مسئلا زمين جي ورهاست ۾ اڻبرابري، دوکو، تڪرار، رجسٽريشن، وڪري ۽ منتقلي جي نظام سان واڳيل عدم تحفظ جهڙا مسئلا درپيش آهن جنهن جي ڪري ان سيڪٽر ۾ ڏسڻ جهڙي ترقي نه ٿي سگهي. انهن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن ۾ بهتري جي لاءِ قانوني سڌارا ۽ زمين جي محفوظ رڪ??رڊ لاءِ جديد ڪمپيوٽرائزڊ طريقو اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ??رورت هئي.
لينڊ رڪ??رڊ ۾ سڌارن جي لاءِ ڪمپيوٽرائزيشن هڪ بنيادي عنصر آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي عوام تائين رڪ??رڊ حاصل ڪرڻ جي پهچ آسان ٿي ويندي آهي جنهن سان نه رڳو ڪرپشن ۽ تڪرارن جو خاتمو ممڪن ٿي ويندو آهي پر ڪارڪردگي ۾ به اضافو ممڪن ٿي ويندو آهي.
انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي 2013ع ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ حڪومت پاڪستان جي تعاون سان پنجاب صوبي جي 145 تعلقن ۾ لينڊ رڪ??رڊ ڪمپيوٽرائزيشن پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو ويو تنهن هوندي به ان کان اڳ گذريل حڪومتن باوجود ان اهم ??عبي تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت ان منصوبي کي اهميت ڏني ۽ پنجاب حڪومت وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي قيادت ۾ پنجاب لينڊ رڪ??ڊ مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (پي ايل آر ايم آءِ ايس) جو آغاز ڪيو جيڪو حڪومت پاران هڪ انقلابي قدم آهي ان سان نه رڳو ڪرپشن پر مختيار ڪاري نظام جي روايتي خرابين جو به خاتمو ممڪن ٿي سگهندو.
اهڙي طرح پنجاب حڪومت جي هدايتن تي پنجاب لينڊ رڪ??رڊ اٿارٽي عوام جي سهولت لاءِ موبائيل ايپ ”ڊجيٽل – پي ايل آر اي“ به جاري ڪئي آهي جنهن جي ذريعي زمين ۽ رجسٽري جي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. اها ايپ گوگل پلي اسٽور تي به دستياب آهي جنهن کي آساني سان موبائيل تي ڊائون لوڊ ڪري مخصوص زمين جو رڪ??رڊ، رجسٽري ڊيٽا، ٽيڪس بابت معلومات ۽ فيس شيڊول ڏسي سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ اها ايپ پنهنجي پسند جي معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. وزيراعظم عمران خان به بار بار ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي ته ماڻهن جي رهائشي ضرورتن جي جائزي لاءِ زمين جي رڪ??رڊ کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي جڏهن ته ڊجيٽل زمين جي رڪ??رڊ جي دستيابي سان لينڊ مافيا جو خاتمو ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ترقي ملندي. زمين جي رڪ??رڊ کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ جو بنيادي مقصد پراپرٽي مالڪن جي هڪ تفصيلي فهرست جي دستيابي، عام ماڻهو لاءِ معلومات تائين پهچ کي آسان بڻائڻ، زميني حقن کي محفوظ بڻائڻ، تڪرارن جي امڪانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي بهتر ماحول جي فراهمي، انگن اکرن ۽ خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ شفاف ۽ بدعنواني کان پاڪ بڻائڻ شامل آهي.
پنجاب لينڊ رڪ??رڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل معظم اق??ال سپرا موجب اٿارٽي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ لينڊ رڪ??رڊ ڊجيٽلائزيشن لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته پنجاب لينڊ رڪ??رڊ اٿارٽي ماڻهن جي سهولت لاءِ گذريل هڪ سال ۾ لينڊ رڪ??رڊ سي??ٽرز جي تعداد ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي، 246 اسپيشل لينڊ سي??ٽرز کانسواءِ سي??لائيٽ سي??ٽر ۽ ٻين ادارن جي تعاون سان 5 هزار کان وڌيڪ ننڍي پئماني تي قائم ڪيل سي??ٽرز تي لينڊ رڪ??رڊ سروسز عام ماڻهن کي فراهم ڪئي پئي وڃي. پنجاب لينڊ رڪ??رڊ اٿارٽي جي ترجمان موجب سال 19 -2018ع ۾ 17 ارب روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا جڏهن ته 5 ملين ماڻهن پنجاب ۾ 152 زمين سي??ٽرز مان سهولتون حاصل ڪيون، گذريل مالي سال 2020 -2021ع ۾ 40 لک کان وڌيڪ درخواستگذارن کي رڪ??رڊ سروسز فراهم ڪئي وئي جنهن ۾ 1.2 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي جائيداد جي منتقلي جون خدمتون فراهم ڪيون ويون.
ترجمان موجب پنجاب لينڊ رڪ??رڊ اٿارٽي قومي خزاني ۾ 12 ارب روپيا جمع ڪرايا، اهڙي طرح لينڊ رڪ??رڊ سي??ٽر مان ڪل آمدني 22 ارب روپين کان وڌيڪ رڪ??رڊ ڪئي وئي آهي. اها گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ 37 سيڪڙو اضافو آهي جيڪو لينڊ رڪ??رڊ سي??ٽرز مان خدمتن جي فراهمي تي عوامي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته پنجاب لينڊ رڪ??رڊ اٿارٽي ”لينڊ ٽرانسفر اينڊ مينيجمينٽ“ تحت سرڪاري خزاني ۾ 7456 ملين روپيا جمع ڪرايا آهن، روينيو ۾ اضافو لينڊ رڪ??رڊ سسٽم ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ممڪن ٿيو آهي، اٿارٽي ٻه سال اڳ تعلقي جي سطح تي زمين جي رڪ??رڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ شروع ڪيو،
شروعاتي طور تي 152 لينڊ رڪ??رڊ سي??ٽرز کي سهولت فراهم ڪئي وئي، هاڻي انهن سهولتن جو دائره ڪار کي 5000 کان وڌيڪ مرڪزن تائين وڌايوو يو آهي، ان مان 60 قانون گوئي سي??لائيٽ سي??ٽرز، 2800 کان وڌيڪ نادرا اي سهولت مرڪز، 10 اي سروسز سي??ٽرز ۽ 28 ڪمرشل بئنڪ شامل آهن.
ترجمان موجب پاڻمردي نظام کي عالمي معيار موجب آڻڻ لاءِ جديد قدم به کنيا پيا وڃن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ لينڊ رڪ??رڊ سروسز جلد ئي آمريڪا، برطانيه، متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ شروع ڪئي ويندي. هن وقت تائين 65 هزار ماڻهن کي آن لائن فرڊ سسٽم جي ذريعي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪريڊٽ ڪارڊ، ڊيبٽ ڪارڊ، جاز ڪيش ۽ آسان پئسن جي ذريعي آن لائين ادائيگي جو نظام به متعارف ڪرايو ويو آهي. هلندڙ مالي سال 2021ع ۾ زمين جي منتقلي جي حوالي سان مجموعي طور تي 7.45 ارب روپيا خزاني ۾ جمع ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ سرڪاري ملڪن جي تحفظ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن،
پنجاب لينڊ روينيو اٿارٽي جي سمورن قدمن جو مقصد اي گورننس جي فروغ، لينڊ رڪ??رڊ ڊجيٽلائيزيشن ۽ اٿارٽي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جي ذريعي ماڻهن کي آسان خدمتون فراهم ڪرڻ آهي.
هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته لينڊ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان تازو ئي سروي آف پاڪستان کي لينڊ ڊجيٽلائيزيشن مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ به سونپيو هو جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي، لاهور سٽي ۽ اسلام آباد لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم جاري آهي، ذريعن موجب لينڊ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مال کاتي جي رڪ??رڊ، سي??لائيٽ اميجري ۽ فيلڊ سروي جي مدد ورتي پئي وڃي، اميد آهي ته ان منصوبي تي اڳڀرائي زمين بابت رڪ??رڊ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل جل پڄاڻي تي پهچندو ۽ لاڳاپيل مسئلن جي حل ۾ تمام گهڻي مدد ملندي.