اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته قدرتي آفتن سان مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪاران کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرتي آفتن ۾ متاثرين کي و??ت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪرا?? جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪريسنٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر، اليگزينڊر ميٿيوس سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي انجمن هلال احمر پاڪستان جي چيئرمين ابرابر الحق به موجود هو. صدر عارف علوي ??يو ته قدرتي آفتن کي مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪارن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرتي آفتن ۾ متاثرين کي و??ت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلال احمر ۽ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊڪرا?? جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، هن ??يو ته هلال احمر پاڪستان ڪورونا جي دوران عوام کي صحت جون سهولتون پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، حڪومت جي ڪورونا جي دوران ڪامياب سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي ڪري صورتحال ضابطي ۾ رهي. صدر ??يو ته حڪومت ڪورونا جي دوران ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فنڊ مختص ڪيا. صدر هلال احمر پاڪستان جي مدد فراهم ڪرڻ تي انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪرا?? جي ڪردار کي ساراهيو.