اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعمير ۽ ترقي جي شعبن ۾ ??عا??ن مثالي نوعيت جو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اج??اس جي موقعي تي ناروي جي پنهنجي هم منصب اينا ايريڪس سوريڊا سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، ناروي ۾ رهندڙ پنج هزار پاڪستانين جو، ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي ??عا??ن کي سگهه ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. حڪومت پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهي آهي، ناروي جون وڏيون ڪمپنيون، اسان ??ي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ٻنهي پرڏيهي وز??رن پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اج??اس جي جلد انعقاد تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وز??ر چيو ته ”ناروي جي پارليامينٽ ۾ پاڪ – ناروي فرينڊشپ گروپ جو قيام، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وز??ر نارويجين هم منصب کي افغانستان ??ي اڀرندڙ صورتحال ۽ قيام امن لاءِ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان ??ي موقف کان ??گاهه ڪيو.