اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي کان عام ماڻهو جي متاثر هجڻ جو پتو آهي، معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊيز ڏئي رهي آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اح??اس پروگرام تحت معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي فراهمي جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي اح??اس پروگرام تحت غربت جو شڪار خاندان?? کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز فراهم ڪرڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عام ماڻهو کي مهگائي سبب درپيش مشڪلاتن جو اح??اس آهي ان لاءِ معاشري جي ڪمزور طبق?? کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز فراهم ڪئي ويندي،
وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان، صحت سهولت ڪارڊز، اح??اس پروگرام موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آهن جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز حاصل ڪرڻ جي باري ۾ طريقڪار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جامع آگاهي پروگرام شروع ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اح??اس پروگرام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪ ئي آهي جنهن ??ي ذريعي سڄي ملڪ ۾ اح??اس پروگرام تحت مستحقي?? کي ضروري شين ۽ سستي اگهه تي فراهم ڪيون وڃن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اح??اس پروگرام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو ويو آهي،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بنئڪ جو صدر ۽ سينئر عملدار موجود هئا.