اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايتن تي هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ شاندار طريقي سان ملهايو ويو، خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي يوم ولادت جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز فجر جي ادائيگي تي ملڪي سلامتي، ??رقي ۽ خوشحالي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطين جي جلد آزادي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، ??ڏهن ته ??اڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ جي روشني ۾ ملڪي بقاءَ، ملڪ جي سلامتي، قومي استحڪام، نطرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت، اسلام جي سربلندي، ??ئين ۽ قانون جي بالادستي، ??تحاد بين المسلمين، بين المذاهب هم آهنگي، ??تحاد ۽ اتفاق، ڀائيچاري جي فضا جي فروغ، مستقل بنيادن تي امن جي بحالي، ??هشتگردي، ??نتهاپسندي، ??دامني، ??ربت، بيروزگاري، مهانگائي جي خاتمي، ??وامي ڀلائي ۽ قومي خوشحالي جون خصوصي دعائون به ڪيون ويون. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 ،21 توپن جي سلامي ڏني وئي، ??شن عيدميلاد النبي صه ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ ان عزم سان ملهايو پيو وڃي ته نبي آخر الزمان صه جي تعليمات کي ڀرپور انداز ۾ عام ڪيو ويندو. عيد ميلاد النبي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ محفلن، جلسلن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ??مورين تقريبن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.