اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ تر??يحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، برآمدي صنعت ۾ سي??پڪ??ري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ تر??يحي شعبن جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، حماد اظهر، صلاحڪارن شوڪت فياض ترين، معيد يوسف، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سي پيڪ جي چيئرمين خالد منصور، سي??پڪ??ري بورڊ جي چيئرمين ظفر احسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ تر??يحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. برآمدي صنعت ۾ سي??پڪ??ري وڌڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته سي??پڪ??رن کي مفيد ماحول جي ف??اهمي لاءِ سمورا حڪومتي ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سي پيڪ فيز 2 تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي فيز 2 تي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، ڌاٻيجي، علامه اقبال ۽ بوستان خصوصي صنعتي زونز ۾ گئس ۽ بجلي جي ف??اهمي تي ڪم تيزي سان جاري آهي. بنيادي طور تي صنعتن جي تعمير لاءِ گهربل بجلي ۽ گئس ميسر آهي جڏهن ته صنعتن ۾ سي??پڪ??ري سان گڏوگڏ باقي گهربل بجلي ۽ گئس جي ف??اهمي به ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سي پيڪ اٿارٽي پاران پلگ اينڊ پلي ماڊل جي تجويز پيش ڪئي وئي جنهن تي ڪم جاري آهي، ماڊل تحت سي??پڪ??رن جي سمورين ضرورتن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي پورو ڪري انهن علائقن ۾ صنعتن جي تعمير ۾ تيزي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏوگڏ سي??پڪ??رن کي صنعتن جي تعمير، مختلف ادارن کان گهربل منظورين ۽ اهم معلومات جي ف??اهمي لاءِ سي??پڪ??ري بورڊ پاران پورٽل تي به ڪم تقريبن مڪمل آهي جنهن کي جلد جاري ??يو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سي پيڪ تحت منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ترقياتي ڪمن جي رفتار کي وڌائڻ لاءِ باقاعده سسٽم جاري ??يو ويو آهي. برآمدي شعبن ۽ صنعتن جي نشاندهي ڪري ايس اي زيز ۾ سي??پڪ??ري کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، زرعي شعبي ۾ نه رڳو ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، پر شعبي جي برآمدات وڌائڻ لاءِ معاهدا به ڪيا پيا وڃن، اجلاس ۾ وزيراعظم سي پيڪ فيز 2 بابت سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايتون جاري ڪيون.