اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان 115 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس (اين ايم سي) جي آفيسرن ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران آفيسرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم ع??ران خان چيو ته سرڪاري م??ازم ع??امي خدمتن جي وڏي ذميداري نڀائيندا آهن، هن چيو ته ترقي ۽ عزت ڪما??ڻ جو رستو سدائين چئلينجز سان ڀريل هوندو آهي، نوجوانن جو اخلاقي معيار بلند ڪ??ڻ اسان جي ترجيح آهي وزيراعظم ع??ران خان چيو ته توهان جي سامهون فيصلا ساز طور سدائين ٻه رستا هوندا، هڪ رستو پئسو ڪما??ڻ جو آسان طريقو آهي جيڪو بدعنواني ۽ تباهي جي طرف وٺي ويندو آهي جڏهن ته ٻيو رستو عزت ۽ ترقي جو آهي جيڪو چئلينجز سان ڀريل آهي، هن چيو ته اسان جو تعليمي نظام طبقاتي ويڇا پيدا ڪيا آهن، موجوده حڪومت سڄي م??ڪ ۾ هڪجهڙو نصاب آڻي رهي آهي جنهن سان اسان جي ٻارن کي مضبوط بنياد ملي سگهندو ۽ اهو شاگردن جي چونڊ آهي ته هو جنهن شعبي ۾ چاهين مهارت حاصل ڪن.
وزيراعظم ع??ران خان چيو ته رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو بنيادي م??صد اسان جي معاشري جي اخلاقي معيار کي بلند ڪ??ڻ آهي، اٿارٽي تحقيق ڪندي ۽ اسان جي حضور نبي ڪريم ﷺ جي زندگي تي ٻڌل رهنمائي فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ ٻارن کي م??بائيل فون جي ذريعي هر قسم جي م??اد تائين رسائي حاصل آهي، غلط مواد ڪچن ذهنن لاءِ غلط فهميون ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيندو آهي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي نوجوانن ۽ ٻارن کي هڪ متبادل فراهم ڪندي ته جيئن انهن جي درست تربيت ٿئي، هن چيو ته طاقت جو استعمال انتهاپسندي جي خاتمي جو حل نه آهي، وزيراعظم ع??ران خان وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل ۾ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ سان هڪ معتدل، روادار ۽ ترقي پسند معاشرو جڙندو. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي اڳوڻين حڪومتن جي بدعنواني جي ڪري وڏو مالي قرض ورثي ۾ مليو آهي، ڪورونا جي باوجود پاڪستان پنهنجي معيشت کي ڪاميابي سان سنڀاليو، حڪومت جي ”ڪاروبار ۾ آساني“ جي پاليسي جي ڪري سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته توانائي ۽ پاڻي جي م??ڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 10 ڊيمن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته معاشي ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ هڪ مسلسل عمل آهي حڪومت سمورن شعبن ۾ ڊگهي مدي واري سڌارن جي لاڳو لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جلد خطي جو اهم اڳواڻ ملڪ بڻجي ويندو جيئن 70ع جي ڏهاڪي ۾ هو.