اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر چيو آهي ته مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خان تي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور ۾ ج??ترا ترقياتي ڪم ٿيا، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي ۾ عوامي تقريب کي خ??اب دوران ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ آزا?? ملڪ آهي اسان ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، اسان دنيا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ مخالف ڌر جو قانوني حق آ??ي پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي اس??مبلي ميمبر ان جو ڀرپور مقابلو ڪندا. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر چيو ته اسان جي دور ۾ ج??تري اس??امي قانونسازي ٿي ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته اسان جي دور ۾ پنجين درجي تائين اسڪولن ۾ ناظره قرآن پاڪ ۽ ڏهين درجي تائين قرآن پاڪ جو ترجمو شروع ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي حڪومت عالم سڳورن جي لاءِ وظيفو شروع ڪيو ۽ وياج جي خلاف قانونسازي ڪئي.