لنڊن – 06 – اپريل (اي پي پي) ڀا??تي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ??لپ??ئن ڀا??ت کان ان معاملي تي جواب طلب ڪيو هو. ان ڳالهه جو انڪشاف بي بي سي ڀا??تي اخبار جي حوالي سان پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀا??ت جي مشهور انگريزي اخبار ”دي انڊين ايڪسپريس“ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته ??لپ??ئن اها وضاحت ان لاءِ طلب ڪئي هئي ڇو ته هو ڀا??ت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪري چڪو هو، ??لپ??ئن جي صدر روڊريگوڊوٽرٽي جي ڪابينا ۾ سڀ کان سينئر وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري ڊيلفائن لورينزانا ڀا??تي سفير شمڀو ايس ڪمارن کي ان سلسلي ۾ طلب ڪيو هو. ڀا??تي سفير ??لپ??ئن جي دفاع واري سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ميزائل سسٽم ۾ ڪا فني مسئلو ه?? ۽ ??ن سلسلي ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته ان جي معلومات به ??لپ??ئن جي لاڳاپيل عملدارن سان شيئر ڪئي ويندي. پاڪستان جي سرزمين ۾ حادثاثي طور تي ڪرندڙ ميزائل جي ساخت ته ڪو به سرڪاري بيان سامهون نه آيو آهي ۽ ??لپ??ئن جي پريشاني جو اهو ئي سبب آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 28 جنوري تي ??لپ??ئن ڀا??ت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪيون هيون جنهن کي ڀا??ت جي ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(ڊي آر ڊي او) ۽ روس جي اين پي او ميشينوسترونيا اداري گڏيل طور تي تيار ڪري رهيا آهن، ??لپ??ئن سان ٿيندڙ اهو معاهدو 73 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر ماليت جو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهو انڊيا لاءِ هڪ وڏو دفاعي سودو آهي، هڪ ٻي ڀا??تي اخبار ”دي هندو“جي موجب انڊيسن سفير ڪمارن اننٿاسيٽر جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب ۾ چيو هو ته ??لپ??ئن سان شروعاتي معاهدو گذريل سال مارچ ۾ ٿيو هو، ٻيو معاهدو نومبر ۾ ۽ حتمي معاهدو هلندڙ سال جنوري ۾ ٿيو آهي، ڀا??تي خابرو اداري اي اين آءِ جي 23 مارچ جي رپورٽ ۾ سرڪاري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ڀا??تي فضائيه جي فوج ۾ ميجر جنرل جي عهدي جي برابر آفيسر ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ بادي النظر ۾ اهو ميزائل هڪ گروپ ڪيپٽن رينڪ جي آفيسر جي غلطي جي بنياد تي فائر ٿيو هو.