اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب مرحوم جي پٽ عماد محمد علي سان فون تي ڳالهائيندي وزيراعظم اقبال محمد علي جي خدمتن کي ??راج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اقبال محمد علي هڪ ش??يف النفس، پڙهيل لکيل ۽ عوام دوست شخص هو، ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ سندس خدمتن کي ??دائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان توهان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.