اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شزه فاطمه خواجه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ?? جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائن لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي ب?? اتفاق ڪيو ويو.