اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پ??بن??ي جي سخت ل??ظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ۾ تيزي آندي آهي، ڀارتي قابض فوج سرينگر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پ??بن??ي لڳائي ج??هن جي پاڪستان سخت ل??ظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته امن ۽ رحمت جي مقدس مهيني ۾ ڪشميري مسمانن جي مذهبي آزادي تي پ??بن??ي لڳائي وئي آهي جيڪا قابل مذمت آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران اهو ظالماڻي قدمن جي هڪ نئين ڪڙي آهي ج??هن سان مسلمانن ج?? مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن، ان کان اڳ والاريل ڪشمير ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي، مسجدن ۽ درگاهن کي باهه ڏيڻ جا ناپاڪ واقعا به رونما ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائماليون ڪري رهي آهي ۽ ان مذهبي آزادين تي پ??بن??ي لڳائي رکي آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ ڀارت جي هٿان ڪشميري مسلمانن جي مذهبي آزادي تي پ??بن??يون لڳائڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو.