اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شيشپر گليشيئر ڍنڍ مان پاڻي خارج ٿيڻ سان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدمن جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م متاثر علائقن ۾ خوراڪ، دوائون ۽ ضروري هنگامي سامان پهچائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم وفاقي ادارن کي گلگت بلتستان جي حڪومت جي ڀرپور معاونت جو حڪم ڏيندي نقصانن ۽ ??تا??ر عوام جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم شاهراهه قراقرم تي حسن آباد پل ڪري پوڻ سبب متبادل رستو اختيار ڪرڻ، زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي نظام جي تباهي سان نقصانن، 2 بجلي گهر ??تا??ر ٿيڻ جو ڪاٿو لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪندي 700 ?? 250 ميگاوا?? بجلي گهرن جي جنگي بنيادن تي بحالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي گهرن جي بحالي، مرمت تي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي، شاهراهه قراقرم کي ٿيندڙ نقصان بابت پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته ??تا??ر عوام جي ڀرپور هنگامي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراع??م متاثر خاندانن سان نقصانن تي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.