اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿو، پنهنجي ڏوهاري کي سڃاڻي ٿي، معاشي تباهي جو چهرو صرف عم??ان خان آهي، نواز ??ري?? ۽ شهباز ??ري?? جي دور ۾ سدائين مهانگائي ۽ ڪرپشن ختم ٿي، نواز ??ري??، شهباز ??ري?? ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين عوام کي رليف ڏنو آهي، عم??ان خان جي معاشي ڏوهه جي سزا پاڪستان جي عوام کي نٿا ڏيڻ چاهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيٽرول جي قيمت وڌائڻ آسان آهي، پر اسان عوام کي وڌيڪ تڪليف کان بچائڻ چاهيون ٿا. عوام وڌيڪ غريب نه ٿئي. ان تي وڌيڪ بار نه پوي، ان لاءِ پيٽرول جي قيمت نه وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته عم??ان خان کي پنهنجي معاشي ڏوهه جو بار کڻڻ ۽ جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مهانگائي وڌائڻ مسلم ليگ ن جي لاءِ ان جي منشور جي خلاف آهي، مريم اورنگزيب چيو ته نواز ??ري?? دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، مهانگائي گهٽ ڪئي، هن چيو ته مهانگي اٽي، مهانگي گئس، مهانگي بجلي، مهاگين دوائن جو حساب عم??ان خان کي ڏيڻو پوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دورن ۾ معاشي، اقتصادي ۽ شين جي قيمتن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته نواز ??ري?? جي دور ۾ ڊالر 116 روپيا هو جنهن کي عم??ان خان 189 روپين تائين پهچائي ڇڏيو، هن چيو ته 1947ع کان 2018ع تائين سڀني حڪومتن گڏجي 71 سالن ۾ 24953 ارب روپيا قرض حاصل ڪيو ان جي ابتڙ عم??ان خان صرف ساڍا ٽن سالن۾ قرض کي 42745 ارب روپين تائين وڌائي ڇڏيو. مريم اورنگزيب چيو ته نواز ??ري?? قومي ترقي جي شرح 6.1 سيڪڙو تي پهچائي، عم??ان خان پهرين ان کي منفي ۾ پهچايو ۽ هاڻي 4 سيڪڙو متوقع آهي، هن چيو ته نواز ??ري?? جي دور ۾ مهانگائي 3.9 سيڪڙو هئي، عم??ان خان ان کي 13 سيڪڙو تائين پهچايو، نواز ??ري?? جي دور ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 700 روپين جو هو جيڪو عم??ان خان جي دور ۾ 11 سئو روپين جو ٿيو، نواز ??ري?? جي دور ۾ کنڊ 52 روپيا في ڪلو هئي جيڪا عم??ان خان جي دور ۾ 120 روپيا في ڪلو ٿي، نواز ??ري?? جي دور ۾ گيهه 151 روپيا ڪلو هو عم??ان خان جي دور ۾ 470 روپيا ڪلو ٿي ويو. نواز??ري?? جي دور ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت 11 روپيا هئي جيڪا عم??ان خان جي دور ۾ 24 روپيا ٿي وئي، نواز ??ري?? جي دور ۾ گئس جي قيمت 600 روپيا ايم ايم بي ٽي يو هئي جيڪا عم??ان خان جي دور ۾ 1400 روپيا ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي. اهڙي طرح نواز ??ري?? جي دور ۾ ڀاڻ جي ٻوري جي قيمت 1380 روپيا هئي جيڪا عم??ان خان جي دور ۾ 3 هزار روپين تائين وڪرو ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مالي خسارو 2260 ارب روپيا هو جيڪو عم??ان خان 5600 ارب روپين تائين پهچائي ڇڏيو. جڏهن ته واپاري خساري مسلم ليگ(ن) جي دور ۾ 30.9 ارب ڊالر هو جيڪو عم??ان خان جي دور ۾43 ارب ڊالر تائين پهچي ويو،هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ جي ڊي پي جي حساب سان ٽيڪس 11.1 سيڪڙو هو، يعني ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ٿيو، عم??ان خان جي دور ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس گهٽ ٿي ڪر?? 9.2 سيڪڙو تي اچي ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بيروزگارن جو تعداد گهٽجي 35 لک رهجي ويو هو، جڏهن ته عم??ان خان جي دور ۾ 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا ۽ ڪل تعداد 95 لک ٿي ويو، هن چيو ته نواز ??ري?? جي دور ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 117 نمبر تي اچي ويو، عم??ان خان جي دور ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽٽا، عالمي درجا بندي ۾ پاڪستان 23 پوائنٽس مٿي ٿي ويو، هن چيو ته عم??ان خان ٻڌائي؟ پاڪستان ۾ ڪرپشن ڇو وڌي، 117 کان پاڪستان 140 نمبر تي ڇو ويو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن نه پر ملڪ ۾ صرف انتشار چاهي ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ قومي سياسي، عوامي پارٽيون آهن. انهن جي مشاورت سان چونڊن جو فيصلو ٿيندو، عم??ان خان ۽ ان جا حواري پاڪستان ۾ هڪ ماڻهو، هڪ پارٽي ۽ هڪ سوچ جي حڪمراني چاهين ٿا، ائين نه ٿيندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ پارٽي جي حڪمراني جو مطلب فسطائيت ۽ آمريت هوندو آهي. اهو بيان انهي منفي غير جمهوري سوچ جو اظهار آهي.