لاهور – 05 – آگسٽ (ا?? پي پي) اسلامي پاڪستان تنظيم جي ا??ير شجاع الدين شيخ چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو اچي چڪو آهي. ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 3 سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي آئين جي شقن 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري والاريل ڪش??ير کي ڀارت ۾ ضم ڪري هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جا علمبردار ??ڏرائيندڙ اولهه ملڪ ۽ عالمي ادارا ڀارت جي 5 آگسٽ جي ڪڌن قدمن جا نه رڳو حامي پر ان ظلم ۾ ان جا حصيدار ??ه بڻجي چڪا آهن ۽ ڀارت جي ان غيرقانوني ۽ غيرانساني ۽ عالمي قانونن جي سراسري خلاف ورزي جي طرز عمل کي رد ڪرڻ تي پري جي ڳالهه آهي پر زبان سان به ان جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.