اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) ماسڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پاڪست??ن جي يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. روس ۾ پاڪست??ن جي سفير شفقت علي خ??ن جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. ڊپٽي هيڊ آف ميشن رانا ثمر جاويد ۽ ٿرڊ سيڪريٽري محمد طيب صدر مملڪت ۽ وزيراعظم پاڪست??ن جو يوم آزادي جي ح??الي سان پيغام پڙهي ٻڌايو. تقريب ۾ ملي نغما به پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سفير چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي، روس سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته روس سان لاڳاپا اس??ن جي پرڏيهي پاليسي جو ترجيحي حصو آهي. هن چيو ته روس سان لاڳاپن جي هٿي ڏيڻ ۾ اس??ن جي ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. ان موقعي تي پاڪست??ن جي 75 هين سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.