اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي ??ار?? وفاقي وزير احسن اقبال سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي ?? تازي ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير متاثرن جي بحالي ۽ امدادي عمل ۾ امداد جي آڇ ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ تازي غير معمولي ٻوڏ ??ار?? صورتحال م??سمي تبديلي جو نتيجو آهي، رڪارڊ برساتن وڏي پئماني تي تباهي پکيڙي آهي، حڪومت عوام جي جاني ۽ مالي نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ??فاقي وزير چيو ته عالمي برادري جي ڀرپور شرڪت سان چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ گهڻا رخي اقتصادي لاڳاپا آهن، پاڪستان جي معيشت کي سخت فيصلن سان صحيح رخ تي گامزن ڪيو آهي.