اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان پاڪستان ۾ جمهوريه قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اين ڊي ايم اي ??يئرمين جمهوريه قازقستان طرفان وزيراعظم رليف فنڊ لاءِ عطئي تي شڪريو ادا ڪيو. هن ايندڙ سردي ??ي موسم دوران ٻوڏ متاثر ماڻهن ??ي مدد جاري رکڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻوڏ 2022ع ۾ پاڪستان جي قومي ڪوششن جي صلاحيت وڌائڻ تي اتفاق ڪ??و ويو. ??فت?? جي خاتمي، آگاهي، تياري ۽ رليف، ريسڪيو ۽ بحالي ۽ ٻيهر تعمير ??ي مرحلن ۾ وڌيڪ ٻطرفي ۽ گهڻ رخو علائقائي تعاون قائم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪ??و ويو. قازقستان جي سفير تجويز پيش ڪئي ته قازقستان جي ايمرجنسي ريسپانس جي وزير ۽ اين ڊي ايم اي ??يئرمين وچ ۾ شروعاتي آن لائين ملاقات بعد گڏيل تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ لاءِ قازقستان جي اعليٰ سطحي نمائندن جي وفد جو پاڪستان جي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو.