اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر اسلامو فوبيا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ايڪشن پلان ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار مراڪش جي شهر فينز ۾ گڏيل قومن جي تهذيبن بابت اتحاد جي نائين عالمي فو??م کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جي ميزباني مراڪش جي شاهه ڪئي. مملڪتي ??زير سڄي دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، امتيازي سلوڪ، اسلامو فوبيا ۽ تشدد جي وڌندڙ مسئلي بابت پاڪستان جي موقف ۽ خدشن ک?? واضح ڪيو. هن پرامن گڏيل بقاءَ، گڏيل افهام تفهيم ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ۽ مضبوط بين المذهبي، بين التهذيبي ۽ بين المذاهب مڪالمي جي اهميت کي ا??اگر ڪيو. حنا رباني کر خاص طور تي ??سلمانن ۽ اسلام جي خلاف رياستي امتيازي سلوڪ، دشمني ۽ فوبيا طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ اهڙي قسم جي ڪڌي ڪمن جي لاءِ ڇوٽ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ماحول طرف ڌيان ڇڪرايو. هن زور ڏنو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومون اسلامو فوبيا ۽ مسلم مخالف نفرت جي ڪڌي رجحانن ک?? بامعنيٰ طور تي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ايڪشن پلان جوڙين. گڏيل قومن جي تهذيبن جو اتحاد نائين اليون کانپوءِ 2005ع ۾ مسلم دنيا ۽ اولهه جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ جي جواب ۾ جوڙيو ويو هو. ان جي بنيادي مقصدن مان هڪ سمورين ثقافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام کي اڳتي ??ڌائڻ آهي. نائون فورم ”امن جي ا??حاد طرف: هڪ انسانيت جي طور گڏ رهڻ“ جي مرڪزي موضوع تحت منعقد ڪيو ويو. يو اين اي او سي گروپ آف فرينڊز جي ميمبر طور پاڪستان اتحاد جي مينڊيٽ کي اڳتي ??ڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.