اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ موثر بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري ??فاقي ??زير احسن اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس آر ايف 4 ??پورٽ جي ڪاپي پيش ڪئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه ۽ منصوبابندي واري ??زارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبابندي واري ??فاقي ??زير احسن اقبال وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آر ايف 4 ??ستاويز تازي موسمياتي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ايڪشن پلان آهي، هي دستاويز هن سال آڪٽوبر جي آخر ۾ شروع ڪيل ٻوڏ کانپوءِ نقصانن ۽ ضرورتن جي ڪاٿي (پي ڊي اين اي) رپورٽ جي اندازي موجب نقصان تي ٻڌل آهي. وفاقي ??زير ٻڌايو ته آر ايف 4 ??ستاويز ۾ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري ??وثر موسمياتي حڪمت عملي شامل آهي. وزيراعظم ان اهم فريم ورڪ کي تيار ڪرڻ جي لاءِ ??ڄي پاڪستان جي لاءِ ٺوس موقف کي اختيار ڪرڻ تي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوقي ??دمن واري ??زارت، ترقياتي حصيدارن، لاڳاپيل وزارتن، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري ??فاقي ??زير ۽ سندس ٽيم کي انهن جي محنت تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته 9 جنوري 2023ع تي سوئيٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيندڙ ايندڙ ترقياتي ڪانفرنس ۾ ان فريم ورڪ کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ضروري ڪوششون ڪيون وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته منصوبابندي واري ??زارت پرڏيهي وزارت، موسمياتي تبديلي واري ??زارت ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن سان گڏجي دستاويز جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورن ڌرين تائين موثر فراهمي جي لاءِ ضروري ??دم کڻي.