اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان ۽ يو??ان جي وچ ۾ واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ يو??ان جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو??ان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير محمد عامر آفتاب قريشي سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته نامزد سفير پاڪستان ۽ يو??ان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پاڪ يو??ان واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته روايتي شعبن کانسواءِ تعاون جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۽ يو??ان جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نامزد سفير يو??ان جي بهترين سياحتي طريقن کي مثال بڻائي، نامزد سفير يو??ان ۽ پاڪستان جي سياحتي صنعتن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. صدر چيو ته يو??ان ۾ پاڪستان جو سفير پاڪستاني ڪميونٽي سان مستقل رابطو رکي، ڪونسلر خدمتن جي سلسلي ۾ انهن جا مسئلا حل ڪري، نامزد سفير پاڪستان ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ آفيس سان ويجهو رابطو پيدا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ترقي يافته ملڪ گهٽ ترقي يافته ملڪن سان غيررسمي اميگريشن روڪڻ جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهن، هجرت ۽ لڏپلاڻ تي پاڪستان ۽ يورپي يو??ين جي ڊائيلاگ سان يورپي يو??ين جي ملڪن ۾ قانوني هجرت جون نيون راهون کلنديون. صدر چيو ته پاڪستان جي مهمان نوازي کي فروغ ڏئي يو??ان ۾ پاڪستان بابت تاثر بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بيگناهه ڪشميرين کي ڀارتي قابض فوج جي هٿان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي هندو اڪثريتي آبادي پاران مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، ڀارتي اقليتن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي ۽ عزت ۽ آبرو کي پائمال ڪيو پيو وڃي. صدر نامزد سفير کي يو??ان ۾ سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني.