صحبت پور – 04 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف صحبت پور ۾ ٻوڏ متاثرين ۽ نمائندن کي خطاب ۾ دانش اس??ول رحيم يار خان جي شاگردياڻي جو داستان ٻڌائيندي آبديده ٿي ويو هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي وزير??عظ?? بلوچستان ۾ 12 دانش اس??ول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پنجاب ۾ 2008ع ۾ جڏهن دانش اس??ول قائم ڪيا ته رحيم يار خان ۾ قائم دانش اس??ول جي دوري جي موقعي تي هڪ ٻارڙي جنهن جو نالو عائشه هو، سان ملاقات ٿي جنهن ٻڌايو ته سندس والده ۽ والد ٻئي فوت ٿي چڪا آهن، اهي چار ڀائر ڀينر آهن، هن جو خواب هو ته هو ڊاڪٽر بڻجندي جڏهن ته ان وٽ تعليم جي لاءِ ڪي وسيلا نه هئا، هاڻي اها ه??ي جديد سهولتن سان ليس اس??ول ۾ تعليم پرائي رهي آهي ته هو روزانو رات جو پنهنجي والد سان تصور ۾ ڳالهيون ڪندي آهي ته هاڻي هو ڊاڪٽر بڻجي ان جي خواهش کي پورو ڪندي. وزير??عظ?? ان موقعي تي آبديده ٿي ويو.