اسلام آباد?? 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ??بدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ سچو انسان هو، ان جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته ??يبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر اهڙي قسم جي بي رحماڻي ڪارروائي امن امان جي سنگين صورتحال جو مظهر آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته ??بدالطيف آفريدي جي آ??ين، قانون ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.