اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام ??ي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن. وزيراعظم آ??يس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سرندي وارن ماڻهن، ادارن ۽ عوام ??ي ترڪيه جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن ”پي ايم فنڊ فار ترڪيه ارٿ ڪوئيڪ وڪٽمز“ قائم ڪري ڇڏيو آهي، عوام ۽ سرندي وارا ماڻهو اڪائونٽ نمبر جي – 12166 ۾ فراخدلاڻي عطيا جمع ڪرائين. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائر ملڪ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سان ??يامت صغريٰ جو منظر آهي، ترڪيه ۾ زلزلي سان ??زارين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته ترڪيه پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ ۽ عوام ??ي درپيش مشڪلاتن ۾ سدائين مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي آهي، ترڪيه 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۾ مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام به ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن، ترڪيه جي عوام جي مدد اسان جي ديني ذميوا??ي آهي.