اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي کي فعال ڪر?? جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا هڪ هفتي جي اندر پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ موجوده وسيلن جو وڌيڪ زيان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، باصلاحيت پاڪستاني نوجوان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو روزگار ??ما??ي رهيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل اٿارٽي غيرفعال آهي. وزيراعظم اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي فعال ڪر?? جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن جو سربراهه ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار هوندو، جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، قانون وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، سينيٽر افنان الله ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي هڪ هفتي جي اندر اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي کي فعال ڪر?? جي لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري. اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز کي به فوري طور تي فعال ڪيو وڃي. بورڊ آف گورنرز ۾ لاڳاپيل شعبي جي ماهرن جي موجودگي يقيني بڻائين. وزيراعظم اٿارٽي ۾ پلاٽن ۾ سيڙپڪاري بدران ان جي اصل مقصد يعني ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ تي ڌيان ڏي?? جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي سڌارن ۽ ان کي فعال ڪر?? جي لاءِ قدمن ۾ وڌيڪ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائ?? جي لاءِ هنر ڏيڻ جو بنياد رکيو. ڪورونا وائرس جي وبا دوران نوجوانن کي ڏنل ليپ ٽاپ سان لکين ماڻهن روزگار ڪمايو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خصوصي مددگار جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اٿارٽي ۾ هن وقت 400 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، جن مان 63 سيڪڙو پاڪستاني جڏهن ته باقي چين، آمريڪا، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تع??ق رکن ٿيون. اجلاس کي اٿارٽي بورڊ جي گورننس ۽ مسئلن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اٿارٽي کي فعال ۽ موثر طريقي سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? جي لاءِ قدمن کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو ڪر?? جي به هدايت ڪئي.