اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان آئ??ن، قانون ۽ ??دا??تي نظام جو تماشو بڻايو، هن شخص ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ تي حملي ??ي لاءِ اتساهيو، عمران خان کي ملندڙ مهلت ٻين جوابدارن کي ڇو نه آهي؟ عدليه جو مذاق اڏائڻ وارو جاچ ادارن سان ڪهڙو تعاون ڪندو؟ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ عوام ٽي وي اسڪرينز تي پاڪستان جي آئ??ن، قانون ۽ ??دا??تي نظام جو تماشو ڏسي رهي آهي ته هڪ شخص جنهن کي ??دا??ت گهرائي رهي آهي هو ??دا??ت اچڻ کان انڪاري آهي، هي شخص پاڪستان جي هر ??دا??ت ۾ گهربل آهي جيڪو ڪڏهن ايمبولينس گهري ٿو ۽ ڪڏهن وهيل چيئر، ڪڏهن مهلت، هي شخص ڏوهاري آهي جنهن جي ضمانت جي پٽيشن تي ان جون پنهنجون صحيحون نه آهن ۽ هي ڏوهاري ??دا??ت تي حملي ??ور آهي. هن چيو ته جيڪا سهولت عمران خان کي فراهم ڪئي پئي وڃي ڇا اها پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي به حاصل آهي؟ هن چيو ته ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته عمران نيازي زمان پارڪ کان ??دا??ت نه ٿو اچي سگهي ۽ ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته هو گاڏي مان نڪري جي آڏو پيش نه ٿو ٿي سگهي، جج صاحب پنهنجي رجسٽرار کي عمران خان صاحب وٽ موڪلي ??حيحن جي تصديق ڪرائي وٺي. هن چيو ته ڇا اها سهولت ??دا??ت پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي به فراهم ڪندي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سوشل ميڊيا تي ڪال ڏني ته هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪريو، هن کي سيشن ڪورٽ گهرائي ته گار ۽ ڌمڪي ڏي ٿو. هن چيو ته اڄ جيل ڀريو تحريڪ جا نعرا هڻندڙ جعلي ??حيحن جي ذريعي ??دا??ت کان بيل وٺڻ آيو آهي، جڏهن ??دا??ت عمران خان کي طلب ڪري ٿي ته هو چوي ٿو ته آئ??ن ڪو نه ايندس، جڏهن عمران خان کي مهلت ڏني وڃي ٿي ته هي پاڪستان جي عوام کي ??دا??ت تي حملي لاءِ اتساهي ٿو ته هلو هلو لاهور هاءِ ڪورٽ هلو، اهو قانون ۽ ??دا??تي نظام جو تماشو آهي. هن چيو ته نواز شريف جي پنهنجي حڪومت ۾ کيس جڏهن نيب جي ??دا??ت ۾ گهرايو ويندو هو ته ڪنهن وزير کي نيب جي ??دا??ت ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي، احسن اقبال صاحب کي ٻاهر روڪيو ويندو هو جيڪو ان وقت گهرو وزير هو. هن چيو ته عمران خان ??دا??ت جي احاطي ۾ ماڻهن کي ??دا??ت تي حملي ??ي ڪال ڏني، عمران خان جي وڪيل جج صاحب کي چيو ته توهان عمران خان وٽ ماڻهو موڪليو ۽ صحيحون وٺي ڇڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته سڀاڻي صبح جن جي پٽيشنون آهن، اهي پاڻ سان گڏ ماڻهو وٺي اچن ته انهن کي به عمران خان واري سهولت فراهم هوندي؟ انهن جي لاءِ به خاص ??دا??ت لڳندي؟ هن چيو ته جيڪو شخص ??دا??ت آڏو پيش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيندو؟ ايف آءِ اي چئي رهي آهي ته اسان کي هن ماڻهو کان جاچ ڪرڻي آهي، جيڪو ڪورٽ جي نه ٿو ٻڌي اهو ايف آءِ اي آڏو جاچ جي لاءِ پيش ٿيندو؟ ??دا??ت عمران خان جي گرفتاري جو آرڊر ڇو نه ٿي ڏي؟ هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو جيڪي ايف آءِ اي، نيب، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ گهربل آهن، انهن سڀني کي به اها سهولت فراهم ڪئي وڃي جيڪا عمران خان کي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا جو چونڊيل وزيراعظم هو، هن ڪلثوم نواز جي بيماري دوران ٽن ڏينهن جي مهلت گهري هئي جيڪا کيس نه ڏني وئي ۽ هو اڳئين ڏينهن ٻيهر ??دا??ت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته هُن ڄاتو ٿي ته هي ڪوڙو ۽ سياسي انتقام جو ڪيس آهي پر هن ??دا??ت جو مذاق نه اڏايو، جي آءِ ٽي ۾ به پيش ٿيو ۽ ??دا??ت ۾ به پيش ٿيو. هن چيو ته شهباز شريف مُخالف ڌُر اڳواڻ هو، ٻه ڀيرا کيس گرفتار ڪيو ويو، هر ڏينهن هو ??دا??ت ۾ پيش ٿيندو هو، هن ??دا??تي نظام جو مذاق نه اڏايو. هن چيو ته عمران خان صدر پاڪستان جي آفيس کي به سياسي اکاڙو بڻائي رکيو آهي، جيڪو شخص اڄ چئي رهيو آهي ته آمريڪي سازش نه ٿي هئي، ان شخص صدر کي آمريڪي سازش جو چئي پارليامينٽ ٽوڙڻ جو چيو، عمران خان چاهي ٿو ته صدر چيف اليڪشن ڪمشنر به بڻجي وڃي، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ به. هن چيو ته جيڪو ??دا??ت ۽ قانون جي ڳالهه نه ٿو مڃي اهو لاڏلو آهي ۽ ان کي اها سهولت ڇو ميسر آهي؟ هن چيو ته اڄ پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته هڪ ڏوهاري کي بار بار آواز ڏنا پيا وڃن، ان جي لاءِ بار بار ڪارروائي ملتوي ڪئي پئي وڃي پر هو ??دا??ت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪندو رهيو. هي شخص ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ تي حملي ??ور ٿيڻ جي لاءِ اتساهي رهيو آهي. هن چيو ته هن شخص جيل ڀريو تحريڪ سان جيل ڀرڻي هئي هو گاڏي مان لهي جج صاحب آڏو پيش نه ٿي رهيو آهي ته ڪٿي ان کي گرفتار نه ڪيو وڃي، ان جو وڪيل ??دا??ت کي چئي رهيو آهي ته هو پنهنجي رجسٽرار کي عمران خان وٽ گاڏي ۾ موڪلي ??حيحون ڪرائي وٺي ڇو ته ان سان گڏ ماڻهو وڌيڪ آهن هو ??دا??ت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي اقتدار دوران رياستي طاقت کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، اڄ هو هن ملڪ جي قانون ۽ آئ??ن جو تماشو بڻائي رهيو آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو نه آهي. هن چيو ته عمران خان جي بدنيتي مان ثابت ٿئي ٿو ته هو جاچ ۾ شامل نه ٿيندو، ڏوهاري جو ڪنڊڪٽ ثابت ڪري ٿو ته جيڪو ??دا??ت آڏو پيش نه ٿو ٿئي اهو ايف آءِ اي آڏو به پيش نه ٿيندو.