اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت جي خاتمي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي ل??ءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور طبقن طرف ڀرپور ڌيان ڏي?? گهرجي، احساس فلاحي پروگرام غريبن کي ريليف ڏي?? جو هڪ سٺو مثال آهي جنهن ۾ غريبن کي ريليف فراهم ڪيو ويو، ان پروگرام تحت ٽيڪنالاجي جي استعمال سان مستحقين ۾ رقم جي شفاف ورڇ ۾ مدد ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر اسلام آباد ۾ احساس پروگرام کي اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ ٺاهيل ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ض??ورت آهي. صدر احساس پروگرام تحت ٻارن کي تعليمي وظيفا ۽ عورتن کي قرض فراهم ڪرڻ جي خصوصي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته اهو يقينن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن ان ڏس ۾ پروگرام جي ل??ءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏي?? تي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته احساس پروگرام مان سکي سگهجي ٿو ۽ ان سان غربت گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ماڻهن جي صحت ۽ تعليم حڪومت جي ذ??يواري آهي، پاڪستان جي عوام دنيا جي انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي خيرات ڪن ٿا. هن چيو ته احساس جا مختلف پروگرام اسلام جي فلاحي رياست جي جذبي تحت ٺاهيا ويا جن جو مقصد غربت جي خاتمي ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جا پروگرام جاري رهڻ گهرجن، اهڙي قسم جي پروگرامن ۾ اهم مقصد چوري کي روڪڻ هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ غربت جو خاتمو ڪرڻ جي ل??ءِ اسان کي عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻو پوندو. صدر عورتن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو ته عوامي صحت ۽ تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ قدم لازمي آهن. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏي?? وقت جي اهم ضرورت آهي، خطي جي ٻين ملڪن تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏنو پر پاڪستان ۾ ان ڏس ۾ انگ اکر مايوس ڪندڙ آهن. صدر چيو ته اسلام عورتن کي وراثت ۽ ٻيا حق ڏنا آهن ۽ معاشري کي عورتن جي انهن حقن کان م??رو?? نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشري جي م??رو?? طبقن جي حالت سڌارڻ جي ض??ورت آهي. هن چيو ته صوبا پنهنجي آمدني جو 25 کان 30 سيڪڙو حصو تعليم تي خرچ ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود وڏي انگ ۾ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اڄ به ملڪ جا 22 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. صدر چيو ته پاڪستان ڪورونا جي وبا دوران ٻين ملڪن جي ابتڙ ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جڏهن ته احساس پروگرام ۾ جن شين تي ڌيان ڏنو ويو ان ۾ ڪرپشن تي ض??بطو آڻڻ شامل آهي. ان کان اڳ شرڪت ڪندڙن کي هڪ دستاويزي فلم ڏي??اري وئي جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي غربت جي خاتمي جي پروگرام جي معاشري جي ڪمزور طبقي تي مثبت اثرن کي بيان ڪيو ويو. ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ پاڪستان جي 100 هين سالگرهه تائين ”سڀني جي ل??ءِ سماجي تحفظ“ جي هدف جي ل??ءِ تيار ڪئي وئي آهي. احساس پروگرام جي 2019ع ۾ شروع ٿيڻ کانپوءِ احساس ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ اثرانگيز منصوبن مان هڪ بڻجي ويو آهي جنهن لکين ماڻهن تائين 16 پروگرام فراهم ڪيا آهن. ان پروگرام تحت ڪورونا وبا دوران روڪ رقم جي منتقلي، صحت جي تحفظ، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس، روزگار جي ل??ءِ روڪ رقم جي فراهمي، عارضي رهائش، غذائيت جي پئڪيجز، مالي شموليت کي فروغ ڏي?? جا قدم ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام شامل آهن. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري پروگرام ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر صدر ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته احساس پروگرام کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت سڌارڻ جي ل??ءِ شفاف بنيادن تي اڳتي وڌايو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ ڀرپور طريقي تي ڪم ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده حڪومت ان پروگرام کي اڳتي وڌائيندي.