اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ٿر – مٽياري ٽرانسميشن لائين منصوبي کي وقت سر مڪمل ن?? ڪرڻ جي مرتڪب آفيسرن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، سرڪاري عمارتن کي سولر تي منتقل ڪرڻجي منصوبي جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي فراهمي ۽ پاور سيڪٽر جي مختلف منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي متوقع طلب ۽ فراهمي ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حو??لي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪي?? ويو. اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته حڪومت سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻاي?? ويندو، مقامي سطح تي سولر پينلز جي تياري بابت تجويز ڪيل پاليسي ايندڙ هفتي ڪابينا اجلاس ۾ ??نظ??ري جي لاءِ پيش ڪيئ ويندي، اهڙي طرح اليڪٽرڪ بائيڪس جي مقامي سطح تي تياري جي حو??يل سان پاليسي پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اجلاس کي گئس جي بچت جي حو??لي سان وزيراعظم جي حڪمن جي روشني ۾ گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي عمل بابت آگاهه ڪندي ٻڌاي?? ويو ته اهو منصوبو مقرر هدف کان هڪ مهينو اڳ ئي مڪمل ڪي?? ويو آهي. اجلاس کي بجلي جي وڌيڪ کپت وارن پنکن ۽ بلب جي حو??لي سان ٻڌاي?? ويو ته سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن ۾ انهن جي تياري هلندڙ سال 30 جون کانپوءِ مڪمل طور تي بند ڪئي ويندي، ان حو??لي سان لاڳاپيل صنعتن کي آگاهه ڪي?? ويو آهي. اجلاس کي ڪابينا جي 3 جنوري 2023ع جي بجلي بچت پلان تي عملدرآمد کان پڻ آگاهه ڪي?? ويو. وزيراعظم سمورن صوبن کي انهن قدمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ان حو??لي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪندڙ عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي جي بچت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نه رڳو ميڊيا جي ذريعي هڪ ??نظ?? آگاهي مهم هلائي وڃي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليمي نصاب ۾ ان حو??لي سان مواد شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪي?? ويو. اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته ان حو??لي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ تازو ئي قومي سطح تي آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪي?? ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، چوڌري سالڪ حسين، سيد مرتضيٰ محمود، احسان الرحمان مزاري، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محمد هاشم نوتيزئي، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.