اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت آندي ويندڙ ۽ غيرقانوني استعمال هيٺ لگزري گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪارنيٽ ڊي پيسيجز اسڪيم تحت آندي ويندڙ گاڏين جي مقرر مدي کان وڌيڪ ۽ غيرقانوني استعمال جو سخت نوٽيس وٺندي اسلام آباد ۾ هڪ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. اجلاس ۾ ملڪ ۾ لگزري گاڏين جي داخلا ۽ اخراج جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزي??اع??م جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهڙي لگزري گاڏين جي نشاندهي به ڪئي وئي ??يڪ?? ڪارنيٽ ڊي پيسيج جي سهولت تحت پاڪستان ۾ آنديون ويون ۽ طئي ٿيل مدو پورو ٿي وڃڻ جي باوجود استعمال ٿي رهيون آهن جنهن تي وزي??اع??م سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙيون سموريون گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. وزي??اع??م پڇيو ته لاڳاپيل کاتن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي. ان ڏس ۾ وزي??اع??م هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جيڪا ان سموري معاملي جي جاچ جي ذميوارن جو تعين ڪندي. وزي??اع??م چيو ته اهي سمورا اهلڪار ??يڪ?? اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جي مرتڪب ٿيا ته انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزي??اع??م فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج اسڪيم تحت اهڙيون سموريون گاڏيون ??يڪ?? پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. وزي??اع??م پڇيو ته لاڳاپيل ادارن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ وزي??اع??م ان معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج تحت اهڙيون گاڏيون ??يڪ?? پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. هن چيو ته اهي سمورا اهلڪار ??يڪ?? اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جا مرتڪب ٿيا انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.