اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران ني??زي انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن تي پنهنجي ڏوهاري ڪر??ار تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران ني??زي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس بابت توهين آميز مهم بابت ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، هڪ ڀيرو ٻيهر هو انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي واقعن ۾ پنهنجي ڏوهاري ڪر??ار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون کي ان جي حربن تي ڪا حيراني نه آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو ??سلسل ر??استي ادارن جي خلاف غليظ ??با?? استعمال ڪري، جيڪو ??اڻهن کي جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي ترغيب ڏئي عسڪري ٺڪاڻن، رياستي علامتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته هو هڪ اهڙي تنظيم جو سربراهه آهي جيڪا ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ هڪ منظم ”ڊس انفارميشن نيٽ ورڪ“ هلائي ٿي، عمران ني??زي جي سڃاڻپ نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.