اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تڪبر، ضد، اناءَ، پنهنجي ذات ۽ مفادن جي بُت جو هائوس آف ڪارڊز ڌڙام سان زمين هيٺ دٻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ مان روح ??ڪر?? ويو، پارٽي ٺاهيندڙن جي هلي وڃڻ سان بس هاڻي بُت ئي باقي رهجي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي ??زير هڪ شعر ”دل ڪي ڦڦولي جل اُٺهي سيني ڪي داغ سي…. اس گهر ڪو آگ لگ گئي گهر ڪي چراغ سي“ جو حوالو ڏنو. هن چيو ته مغرور چيو هو ته ڪنهن جي اچڻ ۽ وڃڻ سان فرق نه ٿو پوي، هو اڄ عبرت جو زندهه مثال بڻجي چڪو آهي.