اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ تي ناڻي واري و??اقي وزير اسحاق ڊار صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ نه ئي ان جو ڪو خطرو موجود آهي، هن چيو ته ناڻي واڌ مع??شت لاءِ واقعي ئي اهم مسئلو آهي پر اسان ان کي و??ت سان گڏوگڏ گهٽ ڪر?? رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان ۾ گهٽائي جي اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي مڪمل خودمختياري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي مالي مشڪلاتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته پالي??ي ريٽ 14 کان 21 سيڪڙو تي هلي?? ويو آهي تنهن هوندي به ان کي هيٺ آڻڻ ۾ وقت گهربل آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته اها ڳالهه تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آهي ان سان گڏوگڏ ٻاهرين ادائيگين جي نظام کي به بهتر ڪي?? ويو جنهن سبب ليٽر آف ڪريڊٽ جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ٻاهرين ادائيگين کي به ممڪن بڻاي?? ويو آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ ناڻي واڌ يا پالي??ي ريٽ ته گهٽ نٿو ڪري سگهجي تنهن هوندي به قوم مطئمن رهي ته اسان مشڪل وقت مان گذري چڪا آهيون. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ميڊيا جي به اها ذميواري بڻجي ٿي ته هو عوام کي صحيح انگن اکرن کان آگاهه ڪري ته جيئن عوام ۾ جيڪا ڳڻتي جي لهر ڏٺي وڃي ٿي ان ۾ گهٽتائي واقع ٿي سگهي.