پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار ا??ٽر??ٽجڪ تعاون ت?? ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سندس چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات اسان جي ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جي روح جي عين موجب هئي، گهڻ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسان سدابهار ا??ٽر??ٽجڪ تعاون ت?? ٻڌل حصيداري کي مضبوط ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، اسان سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو، اهو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ تبديلي جو منصوبو آهي. وزيراعظم چيو ته هن چين پاران پاڪستان جي لاءِ سفارتي ۽ اقتصادي حمايت جاري رکڻ خاص طور تي ڀارت ??ي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گروپ – 20 سياحتي اجلاس م??عق?? ڪرڻ جي موقعي تي چين جي اصولي موقف تي وزيراعظم لي چيانگ جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي.