اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپان جي پرڏ??هي وزير يوشيماسا حياشي جي دعوت تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو دورو ڪيو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽوڪيو ۾ پرڏ??هي وزير جاپاني پرڏ??هي وزير سان ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وزيراعظم فوميو ڪشيدا سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي تعاون، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي تربيت، ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ پاڪستان مان جاپان کي افرادي قوت جي برآمد شامل آهي. هنن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل ??ائ??يمند تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هنن پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ خاص طور تي سولرائيزيشن، ڊي س??لي نيش?? ۽ ??اٽر پيوري فڪيشن، هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي شعبي ۾ اعليٰ اثرن وارن پروگرامن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنرمند افرادي قوت جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ جاپاني زبان جي لاءِ لينگئيج اسڪل ٽيسٽ ڪرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايشيائي ترقياتي ب??نڪ انسٽيٽيوٽ کي خطاب ڪيو جتي هن علائقائي رابطن ۽ اقتصادي تعاون جي پاڪستان جي ويزن بابت ڳالهه ڪئي. هن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت ۽ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ وسيع ۽ گهڻ رخي اقتصادي تعاون تي زور ڏنو جيڪي ڪاميابي ۽ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي کي جنم ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان گڏجي هڪ مضبوط ۽ موثر انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جوڙڻ ۽ علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا، ان سان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري خطي ۾ واپاري ڪاٿي کي وڌائي سگهجي ٿو. پرڏ??هي وزير جاپاني ڪاروباري ادارن جي ايگزيڪيوٽوز، جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي ۽ جاپان ايڪسٽرنل ٽريڊ آرگنائيزيسن (جيٽرو) جي نمائندن ۽ جاپاني سول سوسائٽي جي اهم ميمبرن پڻ ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ هن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ جاپاني ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. جاپان ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏ??هي وزير ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوڪيو جو دورو پاڪستان ۽ جاپانج ي وچ ۾ اعليٰ سطح جي سياسي مصروفيتن جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو. اها ڳالهه ٻولهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ ??ائ??يمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندي.