اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ?? سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شري?? آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چي?? ته توهان پاڪستان جي دوست ۽ خيرخواهه جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي عوام پاران توهان جا ٿورا مڃان ٿو. هن چي?? ته پاڪستان ?? سريلنڪا ويجها بااعتماد دوست آهن، علائقائي ترقي ۽ امن جي لاءِ سريلنڪا جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چي?? ته اميد آهي ته پاڪستان ?? سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ايندا. سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا ۽ جوابي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست آهي، دوستن جي مدد ڪرڻ ئي دوستي آهي. سريلنڪا جي صدر وزيراعظم شهباز شريف جي مشڪل حالتن ۾ ڪوششن کي ساراهيو. سريلنڪا جي صدر آءِ ايم ايف معاهدو طئي ٿيڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽڙ ڪرسٽلينا جارجيوا سان ملاقات جي موقعي تي سريلنڪا جي صدر زور ڏنو ه?? ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مدد ڪري. سريلنڪا جي صدر ايم ڊي آءِ ايم ايف کي ??يو ه?? ته ڪنگال ٿيڻ جي ڪري سريلنڪا کي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻو پيو، پاڪستان کي ان صورتحال کان بچايو وڃي.