اسلام آ??اد_22 جولاءِ(اي پي پي)وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي، ته پاڪستان کي قدرت ??ازوال تحفن سان نوازيو آهي، برف سان ڍڪيل جبل، خوبصورت سامونڊي ڪنارا انهن تحفن ۾ شامل آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن بلوچستان صوبي جي سپيت سامونڊي ڪناري جي هڪ تصوير شيئر ڪندي چيو ته قدرتي نظارن سان هم آهنگ اهي ماڳ اهم حيثيت رکن ٿا، قدرت جي انهن لاتعداد تحفن ??ان هڪ تحفو بلوچستان جو اهو منفرد سامونڊي ڪنارو آهي، جيڪو هڪ حقيقي معجزو آهي.