اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب روات ۾ ريڊيو پا??ستان جي ڊي آر ايم 1000 ڪل?? واٽ ڊيجيٽل ميڊيم ويو ٽرانسميٽر هڻڻ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو منصوبو ريڊيو پا??ستان ۾ انقلاب آڻيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ريڊيو پا??ستان جي ڪارڪردگي کي عالمي معيار موجب بڻائيندي جيڪو ان جي معيار ۽ پهچ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اسان جي مشن ۾ اهم سنگ ميل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ٽرانسميٽر هڻڻ ۽ شروع ٿيڻ کانپوءِ ريڊيو پا??ستان جي نشريات کي ڪيترن ئي ٻين ملڪن تائين وسعت ڏيندو، ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي ٽرانسميشن کي چار مختلف سگنلز جي قابل بڻائيندي، ان سان توانائي جي بچت ٿيندي جڏهن ته بجلي جي استعمال ۾ 33 سيڪڙو گهٽتا??ي ٿيندي جيڪو ريڊيو پا??ستان جي لاءِ لاڳت ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي به خوشي ٿي رهي آهي ته اطلاعا?? واري وزارت روات ۾ پا??ستان جو پهريون ميڊيا سٽي قائم ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.