لاهور – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملازمن تي زور ڏنو آهي ته خدمتن جي فراهمي کي بهتر ۽ ملڪ ۾ ??ڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لڳاءُ ۽ عزم سان ڪم ڪن، هن باقي دنيا سان رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ وقت ۽ تيز فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور پڻ زور ڏنو. نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 118 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس (ايس ايم سي) ۽ 33 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس (اين ايم سي) جي ??امياب گريجوئيٽس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ??سل??م هڪ ڪميونٽي تي ٻڌل مذهب آهي ۽ ان غريبن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن س??ن انتهائي همدرديءَ ڏيکارڻ تي زور ڏنو آهي. صدر چيو ته هڪ سرڪاري ملازم کي عوام سان رابطو رکڻ گهرجي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ انهن تائين دستياب رهڻ گهرجي، ان اصول تي ??سل??م جي عظيم خلفاءِ عمل ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته سماج جي ??لائي سرڪاري ملازم جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. صدر سرڪاري ملازمن تي زور ڏنو ته اهي اڳوڻن عظيم سرڪاري ملازمن جي نقش قدم تي هلن ۽ ??ڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ منافقت ۽ ڪرپشن جي خلاف مزاحمت جو ذريعو بڻجن. صدر چيو ته قومي ترقي جي لاءِ جديد علم سا?? هم آهنگ رهڻ به ضروري آهي ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اين ايس پي پي ۽ اين ڊي يو جهڙن تربيتي ادارن جي ??ردار تي روشني وجهندي صدر چيو ته اهي ادارا سرڪاري ملازمن جي بهتر تربيت ڪري سگهن ٿا ۽ انتظامي ۽ گورننس جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن کي لاڳاپيل مهارتن س??ن ليس ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايس ايم سي ۽ اين ايم سي جي ??امياب گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.