لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ دوست ملڪن پاران رقم جي فراهمي سميت مثبت اشارن مهانگائي ۾ گهٽتائي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم ۽ صنعتي ترقي جي بحالي ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو آهي، ??گر??ن حڪومت جي تازي انتظامي قدمن پاڪستاني رپئي کي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ مضبوط ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان لنڊ?? جي ڪيپيٽل ۽ فنانشل مارڪيٽ جي سينيئر اڳواڻن پاڪستان هائوس لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ نمايان سيڙپڪاري ڪندڙ فرمن ۾ فيلڊيلٽي انٽرنيشنل لميٽيڊ (ايف آئي ايل)، ولنگٽن مئنيجمينٽ، اشمور، جيفريز انٽرنيشنل، ريڊويل ڪيپيٽل، سويٽيڪس انڊسٽريل ايس اي، آڪسفورڊ فرنٽيئر ڪيپيٽل، گارنٽڪو، جي پي مورگن، ڪالراڪ ڪيپيٽل ۽ يو بي ايل (يو ڪي) جا نمائندا شامل هئا. ??گر??ن وزيراعظم وفد کي پاڪستا?? جي موجوده معاشي منظرنامي کان آگاهه ڪندي ٻاهرئين کات?? جي بهتري جي لاءِ حڪومتي قدمن تي روشني وڌي. هن چيو ته تازي انتظامي قدمن پاڪستاني رپئي کي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ مضبوط ڪيو، استحڪام جي لاءِ اميد کي فروغ ڏنو. هن چيو ته عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ دوست ملڪن پاران رقم جي ا??ڻ سميت مثبت اشارن مهانگائي ۾ گهٽتائي، مستحڪم ذخيرن ۽ صنعتي ترقي جي بحالي ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو. ??گر??ن وزيراعظم پاڪستا?? جي اهم شعبن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جا امڪانن ۽ آءِ ايم ايف سان اسٽيڊ بائي ارينجمنٽ جي مثبت اثرن، معيشت ۽ ڪرنسي جي استحڪام تي روشني وڌي. هن چيو ته درآمدات تي پابندي?? جي خاتمي، زرعي مدد ۽ وچولي مدي جي ناڻي واڌ جي هدف?? جي لاءِ مالياتي قدمن کانپوءِ واپار ۾ بهتري آئي آهي، زراعت ۽ صنعت ۾ بهتري آئي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ??گر??ن وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي حوالي سان وفد کي آگاهه ڪندي پاڪستا?? جي سيڙپڪاري رکندڙ ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته ان ڪائونسل سان سيڙپڪاري جي عمل لاءِ راهون هموار ٿي رهيون آهن، اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ڪاروباري منظرنامي کي آسان بڻائي ڊگهي مدي واري ترقي کي فروغ ڏيڻ تي ڪاربند آهيون. برطانوي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي تسلسل ۽ گهٽ ۽ وچولي مدي واري سڌاراجاتي ڪوششن بابت معلومات ورتي. ??گر??ن وزيراعظم کين يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ ڪيل سڌارا ڪري آءِ ايم ايف پروگرام سان وابستگي جو اظهار ڪيو آهي. سيڙپڪارن پاڪستا?? جي مالياتي ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا اميد ڀريل موقعا ڳولڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جيڪو اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ وڌندڙ گڏيل دلچسپي جي عڪاسي ڪري ٿو.