نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ثقافتي وابستگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون ??نظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن جي وچ ۾ گڏيل پروڊڪشنز ۽ دستاويزي فلمن ??ي تياري سميت مختلف شعبن ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شنگهائي تعاون ??نظيم جي ميمبر جي حيثيت سان ??اڪستان ??يڊيا تعاون ??ي فروغ لاءِ پرعزم آهي، گڏيل پروڊڪشنز ميمبر ملڪن جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون ۽ ميمبر ملڪ هڪ ٻئي ??ي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ??ائدو کڻي سگهندا. شنگهائي تعاون ??نظيم جي ٽي وي فيسٽيول جي شرڪت ڪندڙ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين هن سال سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ چين دوستي جو اهو شاندار سفر انفرادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي لاءِ مضبوط ڀائرن جو درجو رکن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ثقافتي رابطا صديون پراڻا آهن. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فريم ورڪ سان اهي رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. نگران ??فاقي وزير چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي معاشي تعاون ??ي شڪل اختيار ڪيل آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان 2023ع کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحتي مٽاسٽا جو سال قرار ڏنو آهي جنهن جو مقصد عوامي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ متحرڪ سياحت ۽ ثقافتي ماحولياتي نظام جوڙڻ آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شنگهائي تعاون ??نظيم (ايس سي او) خطي جي ميمبر ملڪن جي لاءِ سماجي، اقتصادي، مواصلات، ميڊيا ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٺوس ۽ پائيدار تعاون ??ي فروغ جي لاءِ ڪارائتو پليٽ فارم آهي، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ٻين آڊيو ويزيوئل مصنوعات جي شعبن ۾ شنگهائي تعاون ??نظيم جي ميمبرن جي وچ ۾ تعاون ??نظيم جي ڪاميابي جو مظهر آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون ??نظيم جي ميمبر جي حيثيت سان ??اڪستان ??يڊيا تعاون ??ي فروغ لاءِ پرعزم آهي. مرڪزي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ تعاون ??وامي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير شنگهائي تعاون ??نظيم جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن کي پاڪستان سان گڏيل پروڊڪشن ۽ ٻين منصوبن ۾ حصيداري جي دعوت ڏيندي چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪ هڪ ٻئي ??ي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ??ائدو کڻي سگهن ٿا، گڏيل پروڊڪشنز اسان جي ملڪ جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.