اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي عا??مي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو اسرائيل کي بيگناهه فلسطينين جي قتلام کان روڪي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي. عا??مي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪر?? ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪر??ون ٿا ۽ عا??مي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد کي ر??ڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪر?? ۽ ذميوارن جو احتساب ڪر??. هن چيو ته ڪجهه ??رصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه ??ي زور ڏنو ته عا??مي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪر??.