اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيگناهه فلسطينين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪندي گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري. هن چيو ته پاڪ??تا?? کي فلسطيني شهرين جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي شديد ڳڻتي آهي جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? يروشلم سميت سمورن والاريل عرب علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا سان گڏوگڏ فلسطينين جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ قائم ڪرڻ جو حامي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف جي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سفارتي سندون پيش ڪرڻ واري تقريب دوران ڪيو. اردن جي نامزد سف??ر ڊاڪٽر مين اي ايم خرياسات، هولي سي جي نامزد سف??ر آرچ بشپ جرمنو پينيموٽ اپوسٽولڪ نونسيو، جمهوريه چيڪ جي نامزد سف??ر لاڊيسيلا وسٽين هوبل، برونائي دارالسلام جي نامزد هاءِ ڪمشنر ڪرنل (ر) پنگيرن حاجي ڪمال باشا ۽ پاڪ??تا?? ۾ قطر جي نامزد سف??ر علي مبارڪ الخاطر صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي پنهنجي سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ بعد ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪ??تا?? فلسطين جي صورتحال تي گهري نظر رکي آهي ۽ فلسطيني عوام جي ناقابل تنسيخ حقن جي بحالي چاهي ??و. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪ??تا?? فلسطين ڪاز جي مسلسل حمايت ڪئي آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن عرب اسرائيل تڪرارن جو ٺوس حل چاهي ??و. صدر چيو ته پاڪ??تا?? سمورن دوست ملڪن سان سياسي، اقتصادي ۽ ثقا??تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪ??تا?? هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي آهي، جنهن پاڪ??تا?? جي آءِ ٽي، ڪارپوريٽ فارمنگ، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو جي سهولت فراهم ڪئي آهي. صدر ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي پڻ اجاگر ڪيو. صدر سف??رن کي انهن جي نئين ذميوارين تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي ??اڪ??تا?? سان پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.