اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض عملدارن پاران منظم طريقي تي ڪشميرين کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ سياسي ڪا??ڪنن ج?? ملڪيتن کي سيل ڪرڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي مهم ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ڀارتي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي جي قانون کي استعم??ل ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڪيتر??ن ئ?? ملڪيتن کي ضبط ڪيو. ترجمان چيو ته ملڪيتن تي قبضا اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ۽ انساني حقن جي محافظن کي ستائڻ جو هڪ ظالماڻو ذريعو آهي، اهو طرزعمل ۽ اهڙي قسم جي وحشياڻي ڀارتي قدمن کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.