اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??ڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ 80 لک ٻارن کي ت??ليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ مسجدن کي خواندگي ۽ تعليمي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، مسجدون ۽ مدرسا هيٺئين سطح تي اهم سماجي ۽ صحت جي مسئلن بابت بيداري پيدا ڪرڻ کانسواءِ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مسجدن ۽ مدرسن بابت هڪ ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، اسلامي نظريايت ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبلا اياز، صوبائي وزيرن ۽ اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري ا??اري جي نمائندن سان گڏوگڏ تعليم ۽ پيشيواراڻي ت??بيت واري وزارت جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر اٽڪل 28 ملين ٻارن کي ت??ليم فراهم ڪرڻ هڪ تمام وڏو چئلينج آهي جنهن جي لاءِ هزارين نئين اسڪولن ۽ اضافي وسيلن جي ضرورت هوندي. هن اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ت??ليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ معاشري پاران غيرروايتي حل ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. تعليم ۽ پيشيواراڻي ت??بيت واري وزارت جي عملدارن ??جل??س کي ٻڌايو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ت??ليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ جلد سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته مسجدون ۽ مدرسا ج??عي جي خطبن جي ذريعي ا??لاقي قدرن، ڀائيچاري، رواداري، امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي ا??ترام کي فروغ ڏئي معاشري جي ا??طلاح ۽ معاشرتي براين تي ا??طو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن مسجدن جي ذريعي ذهني ۽ عمومي صحت جي مسئلن، آبادي جي ڀلائي، بين المذاهب هم آهنگي، عورتن جي حقن ۽ ڪميونٽي جي سطح تي غذائي کوٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر وڌيڪ چيو ته صحت، تعليم ۽ مذهبي معاملن جي وزارتن پاران وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مسجدن ۽ مدرسن جي شموليت سان ماڻهن کي سماجي ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس انداز اختيار ڪيو وڃي.