اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ڪالهه سومر ڏينهن سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پاران جاري بيان موجب فهرستن جي مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي ت??ت ٿي. معاهدي ت??ت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 231 ڀارتي قيدين (47 سويلين قيدي ۽ 184 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪ??ي. ڀارتي حڪومت ڀارتي ??يل?? ۾ قيد پاڪستانين جي فهرست پاڪستاني هائي ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي ??يل?? ۾ 418 پاڪستاني (337 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) قيد آهن. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪ??ي چڪا آهن ۽ جن جي قومي حيثيت جي ت??ديق ٿي آهي. بيان ۾ 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ ۽ 77 سول قيدين تائين خصوصي قونصلر پهچ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.