اسلا?? آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلا?? آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير ان دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو ??ڏهن ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گڏيل بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ ايراني پرڏيهي وزير اسلا?? آباد جو دورو ڪندو. ان کا?? اڳ ايران پاران هلندڙ مهيني پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ پاڪستان پاران ايران جي اندر پاڪستاني ڄائي دهش??گر??ن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.