برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ائٽمي ٽيڪنالاجي ج?? پرامن استعمال کي وڌائڻ ۽ پهرين ائٽ??ي توانائي سمٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ آءِ اي اي اي ج?? ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ايجنسي ج?? ڪم کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽ??ي توانائي ج?? اهميت ۽ توانائي مڪس ۾ ائٽ??ي توانائي ج?? حصو وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ايجنسي جي ف??ي تعاون جي ڪم جي اهميت جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽ??ي توانائي ج?? منصوبن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي توانائي ج?? ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ۽ زيرو اخراج جا هدف حاصل ڪري سگهن. هن آءِ اي اي اي تي زور ڏنو ته اها هڪ صاف ذريعي ج?? طور تي ائٽ??ي توانائي ج?? اهميت بابت دنيا کي آگاهه ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکي. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي ايجنسي سان پاڪستان جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايشيا ۾ پاڪستان اسرندڙ ملڪن سان تجربي ۽ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ائٽمي منصوبن جي مالي مدد هڪ مسئلو آهي ۽ هو جلد ئي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ اي اي اي گذريل سال پنهنجي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪيو، جڏهن کيس پاڪستان جي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي ج?? پرامن استعمال جي ميدان ۾ پاڪستان جي ترقي ج?? مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو.